سنڌ جا قديم آثار

سنڌ جا قديم آثار

سنڌ جا قديم آثار

سنڌ جا قديم آثار (ڪتاب): هي ڪتاب هندستان جي نامياري آرڪيالاجسٽ ’هينري ڪزنس‘ جي انگريزي ڪتاب: (The Antiquities of sindh) جي سنڌي ترجمي تي مشتمل آهي. اصل انگريزي ڪتاب جو پهريون ڇاپو، سنيٽرل پبليڪيشن ڪلڪتي ڇپيو هو. ڪتاب جو هي ترجمو سنڌ جي نامور ليکڪ عطا محمد ڀنڀري ’سنڌ جا قديم آثار‘ جي نالي سان ڪيو آهي. هينري ڪزنس جو هيءُ ڪتاب ’آرڪيالاجيڪل سروي آف انڊيا‘ جي جلد 46 طور برطانوي دؤر حڪومت ۾ ڪلڪتي مان 1929ع ۾ شايع ٿيو، بعد ۾ ڪراچيءَ مان 1970ع ڌاري سنڌ سرڪار ڇپائي پڌرو ڪيو. هينري ڪزنس جو هي ڪتاب موهن جي دڙي هڙپا، ڀنڀور، برهمڻ آباد ۽ ٻين قديم آثارن ۽ انهن جي تاريخي اهميت تحقيق ۽ کوٽائيءَ بابت معلوماتي ڪتاب آهي. هينري ڪزنس جو هي ڪتاب سنڌ جي تاريخ تي ڪم ڪندڙن لاءِ وڏي معلومات مهيا ڪري ٿو، جنهن ۾ ٻيءَ معلومات کانسواءِ ان دور ۾ سنڌ جي قديم آثارن جي صحيح صورت جون تصويرون موجود آهن. اهي اڄ ان ڪري وڌيڪ اهميت رکن ٿيون، جو ڪيترا آثار تباهه ٿي ويا آهن يا انهن جو وجود نه رهيو آهي. اهڙيون تصويرون 103 صفحن تي ڏنل آهن. جڏهن ته وچ ۾ ٻيون به 39 تصويرون ڏنل آهن، جيڪي ڪتاب کي وڌيڪ ڪارائتو ڪن ٿيون. ڪتاب جو پيش لفظ مترجم ۽ مقدمو عبدالله خان ورياهه لکيو آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾’هينري ڪزنس‘ ۽ سنڌ جا آثار بابت ايم. ايڇ پنهور جو تعارف به ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل عنوان هن ريت آهن: سنڌ جون نديون ۽ قديم آثار، سنڌ جي تاريخ جو مختصر خاڪو، تاريخ کان اڳ جا آثار ۽ پٿر جا اڻ گهڙا اوزار، برهمڻ آباد، منصوره، محفوظھ، وڄڻوٽ جا کنڊر، الور، ڀنڀور، ميرپورخاص وارو ٻڌ اسٽوپا، ٺُلهه مير رڪڻ، سڏيرن جو ڏندو، ديول ٺٽو، حيدرآباد، سيوهڻ، بکر جو درياهه جي وچ ۾ قلعو، بکر، روهڙي، لاڙڪاڻو، خداآباد، ڊکڻ، بلوچن جا قديم مقبرا ۽ قبرون، متفرق، آثار، موهن جو دڙو، ماهوٽا يا مئهوٽا، فتح پور، هاڪڙو، هيلايا-خداآباد، پراڻا قلعا-شاهه پور چاڪر، مئو مبارڪ-بدين پراڻي، وڪر، وڳهه ڪوٽ، وجهه ڪوٽ يا وڳوگار- شاهه ڪپور، هالا، مٽياري، ماٿيلو، گهوٽڪي، آمري، ننگرپارڪر، ڀوڏيسر ويرا واهه، پاري نگر، گوڙيءَ جا مندر، ڌامراهو، مٺو ديرو، لانڍي ۽ سنڌ جا پراڻا سڪا. ڪتاب جي آخري صفحن تي تاريخي ماڳن جون تصويرون ڏنيون ويون آهن.
هي ڪتاب ڊيمي سائيز ۾ پڪي جلد سان 432 صفحن تي مشتمل آهي ۽ 1995ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشوري شايع ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت سؤ رپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو